تراب لاڙڪاڻوي

تراب لاڙڪاڻوي: شاعر تراب لاڙڪاڻويءَ جو اصل نالو عبدالڪريم هو. هن ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ’قليءَ‘ ۾ جنم ورتو. سرائڪي، سنڌي ۽ بروهڪيءَ ۾ شاعري ڪيائين. طب ۽ حڪمت ۾ ماهر هو. دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ زناني تعليم لاءِ سندس ڪيل ڪوششون قابلِ ذڪر آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”علم ۽ هنر جي جنگ“ ۽ ”ڪنوار جو آئينو“ شامل آهن، جڏهن ته ڪيترا ڪتاب قلمي صورت ۾ ڇڏيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو